ڪراچي( رپورٽر) اسلام آباد جي جي 11 ڪچهري ۾ آپگهاتي حملو ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار صوبائي پوليس کي ايندڙ حڪمن تائين الرٽ رهڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ضيا الحسن لنجار پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سرحدن، اهم شاهراهن ۽ روڊن تي چيڪنگ ۽ نگراني کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.اضافي طور تي، سنڌ جي گهرو وزيرِ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۽ مهينن ۾ ٿيندڙ اهم تقريبن جي سڪيورٽي پلانز جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن.