اشرافيه عوامي راءِ دٻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي استعمال پئي ڪري\جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله، چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي خط لکي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو. جسٽس اطهر من الله چيف جسٽس پاڪستان کي 27هين آئيني ترميم بابت 8 نومبر تي لکيل خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ هميشه طاقتور سان گڏ بيٺل رهي عوام سان نه، ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي ڦاهي، عدليه جو معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه هو، بينظير ڀٽو، نوازشريف مريم نواز جي خلاف ڪارروايون به هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ باني سان ٿيل سلوڪ انهي جبر جي تسلسل جو حصو آهي. هن لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي عوامي اعتماد حاصل ڪرڻ تي نشانو بنايو ويو، بهادر ججن جا خط ۽ اعتراف سپريم ڪورٽ جي ضمير تي بار آهن. اسان سچ ڄاڻون ٿا پر صرف چانهه خانن ۾ سرگوشين تائين محدود آهيون. سپريم ڪورٽ جي جج پنهنجي خط ۾ لکيو ته ٻاهرين مداخلت هاڻ ڪوبه راز ناهي، هڪ کليل حقيقت آهي، جيڪو جج سچ ڳالهائي ٿو اهو انتقام جو نشانو بڻجي ٿو جيڪو جج نٿو جهڪي انهي جي خلاف احتساب جو هٿيار استعمال ٿيندو آهي. جسٽس اطهر من الله، پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰٰ آفريدي کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن عدليه کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ عدليه جي آزاديءَ تي بحث ڪرڻ لاءِ هڪ ڪانفرنس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي. هن خط ۾ جسٽس اطهر من الله افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي ڪڏهن ڪڏهن عوامي راءِ کي دٻائڻ لاءِ اڻ چونڊيل اشرافيا جي مفادن جي تحفظ جي طور تي استعمال ڪيو ويو آهي. خط ۾ جسٽس اطهر من الله لکي ٿو ته هو اهو خط آئيني احترام ۽ سنجيدهه فرض سمجهي لکي رهيو آهي ته جيئن مستقبل ۾ رڪارڊ تي رهي ته عوام جي تقدير ڪيئن عدليه جي سنگ مرمر وارين ديوارن پٺيان طئي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اهو خط تازن واقعن جي پس منظر ۾ لکيو پيو وڃي جيڪي عوام جو عدليه تي اعتماد نقصان پهچائي چڪا آهن.جسٽس اطهر من اللہ وڌيڪ لکي ٿو ته ادارا هڪ ڏينهن ۾ نٿا ٺهن، پر خوف يا طاقت اڳيان جھڪڻ سان اهي جلدي تباهه ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته عدليه جي تاريخ هر وقت بي داغ يا قابل تعريف ناهي رهي، پر ان جي ماضي جي ناڪاميون ڪڏهن به اڻ چونڊيل اشرافيا جي مفادن جي تابعداري جو جواز نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته هڪ سپريم ڪورٽ جي جج طور ان جو فرض آهي ته هو عوام جي اعتماد کي درپيش خطرن تي آواز اُٿاري. هن چيو ته هن آئين جي حفاظت جو حلف کنيو هو، پر گهڻائي ڀيرا پاڻ کي بي وس محسوس ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪڏهن صرف نعرا يا لفظن تائين محدود رهجي وڃي ٿو.هن چيو ته پاڪستان جي آزاديءَ جي شروعات کان وٺي، ڪنهن وقت ڪجهه ادارن ۽ مضبوط اشرافيا وچ ۾ هڪ غير اخلاقي اتحاد رهيو آهي، جنهن جو مقصد ڪنٽرول، خاص مراعتن ۽ غير قابو پذيري آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي اڪثر عوامي راءِ کي محفوظ رکڻ بجاءِ ان کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. خط ۾ هن وڌيڪ چيو ته عدليه طاقت جي آڏو جھڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ عوام جي حق ۾ فيصلا ڏيڻ ۾  ڪيو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي معزولي ۽ ڦاسي جو مثال ڏيندي چيو ته اها عوام جي اعتماد ۽ اسان جي حلف سان سڀ کان وڏي ۽ ناقابل معافي غداري هئي. هن وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ انهن جي ڌيءَ کي اڻ چونڊيل عنصرن  پاران هراسان ڪيو ويو، ۽ ان رجحان جو تسلسل رهي جتي جڏهن به اڻ چونڊيل اشرافيا جي مفادن کي خطره ٿيندو آهي، عوامي راءِ دٻائي ويندي آهي. هن چيو ته، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پڻ ان ئي سلسلي جو شڪار ٿيا. باني پي ٽي آءِ به انهن جي دٻاءُ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.هن چيو ته  سياسي اختلاف کي ڏوهه بڻايو ويو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو جھڪڻ کان انڪار ڪندا آهن، انهن کي غير انساني حالتن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.