اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي، جتي ملڪ جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهھ ٻول ڪئي وئي. ملاقات ۾ صدر ۽ وزيراعظم ٻنهي تازن دهشت گردي جي واقعن جي سخت مذمت ڪئي. ٻنهي قائدن اهو عزم ظاهر ڪيو ته غير ملڪي مدد سان هلندڙ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن خلاف ڪارروائيون ان وقت تائين جاري رکڻيون آهن جيستائين دهشت گردي جو مڪمل خاتمو نٿو اچي.ملاقات ۾ چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق، وفاقي وزير محسن نقوي، چوڌري سالڪ حسين، اعظم نذير تارڙ، خالد حسين مگسي ۽ عبدالعليم خان به موجود هئا.