سپريم ڪورٽ هڪ مخصوص ڌر جي ڪورٽ بڻجي ويندي\وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ماهه نور ملاح، حسنہ راهوجو ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم عدالتن کي تالا هڻڻ برابر آهي. 27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ سپريم نه پر هڪ مخصوص ڌر جي ڪورٽ بڻجي ويندي. اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم لاءِ حڪومت جي ڦڙتي ظاهر ڪري ٿي ته حڪومت سمورا انتظامي ڪم ڇڏي ترميم منظور ڪرائڻ ۾ مصروف آهي. سينيٽ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جي اندر سموري ترميم جي منظوري ٻڌائي ٿي ته سينيٽرن ترميم پڙهڻ بنا ئي منظور ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪري پارليامينٽ کي ته اڳ ۾ ئي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو هو، هاڻ ته عدالتون به رٻڙ اسٽيمپ بڻجي وينديون. 27هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻ آئين فقط ڪاغذ آهي باقي سمورا اختيار مخصوص ڌر جي حوالي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.