ڪراچي ۾ ڪار فُٽ پاٿ تي سُتل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊمپر، ٽرڪن، ٽرالرن ۽ ڪارن جي ٽڪرن سبب شهرين جي موتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي سُتل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، ڪلفٽن ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار ويجهو ڪار بي گهر ٻن شهرين کان حياتيون کسي ورتيون، پوليس موجب تيز رفتار ڪار فُٽ پاٿ تي ستل ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس موجب حادثي ۾ 2 ڪار سوارن سوڌو 4 ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.