لنڊن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڊاڪيومينٽري ۾ ايڊنٽنگ جي تڪرار کانپوءِ برطانوي خابرو اداري بي بي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ٽم ڊيوي ۽ سي اي او ڊيبورا ٽرنس پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. بي بي سي تي الزام لڳايو ويو ته ادارو پنهنجي رپورٽنگ ۾ سياسي غير جانبداري برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهيو. تڪراري ڊاڪيومينٽري ۾ 6 جنوري 2021 تي ٽرمپ جي تقرير جا مختلف حصا ان انداز ۾ ايڊٽ ڪيا ويا جو ائين لڳي رهو هو ته ڄڻ هو پنهنجي حامين کي ڪيپٽل هل تي مارچ ۽ مزاحمت تي ڀڙڪائي رهيو هجي. ايڊٽ ٿيل پروگرام گذريل سال آمريڪي چونڊن کان هڪ هفتو اڳ نشر ڪيو ويو هو. دي ٽيلي گراف تي ڇپيل ليڪ رپورٽ موجب، بي بي سي نه رڳو غزا جنگ جي رپورٽنگ ۾ فلسطينين خلاف تعصب ڏيکاريو پر ٽرانس ايشوز تي ٽرمپ تقرير ايڊنٽنگ جي معاملن تي به ادارو دٻاءَ ۾ رهيو. ذريعن موجب، بي بي سي جلد تڪرارن تي باقاعده معافي جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس اڳ ئي برطانوي براڊڪاسٽر کي پروپيگنڊا مشين قرار ڏئي چڪو آهي. ڊائريڪٽر جنرل جي استعيفيٰ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ دي ٽيلي گراف جا ٿورا مڃيندي چيو ته نيٺ سچ سامهون اچي ويو.