ڪراچي (رپورٽر) ٽريفڪ پوليس ڪراچي ٽريڪ اينڊ ٽريڪ سسٽم تحت 14 ڏينهن ۾ 48,211 اليڪٽرانڪ چالان جاري ڪيا، سڀ کان وڌيڪ 31,555 چالان سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ٿيا، 8,431 هيلمٽ نه پائڻ تي ۽ 2,304 اوور اسپيڊنگ تي جاري ڪيا ويا، سگنل جي خلاف
ورزي لاءِ 2,009، موبائل فون استعمال دوران 1,263، ڪاري شيشو 670، فينسي نمبر پليٽس 585، رانگ وي 556 ۽ ڇت تي مسافر ويهارڻ لاءِ 368 چالان جاري ٿيا، نو پارڪنگ تي 250، اسٽاپ لائن جي ڀڃڪري تي 233، بي جا لوڊ ۽ اوورلوڊنگ تي 132، لين لائن ۽ ون وي اسٽريٽ تي رانگ وي تي 65 ۽ 58 اي چالان جاري ڪيا ويا، ٽيڪس جي عدم ادائيگي تي ڪابه اي چالان جاري نه ٿي، پهرين اي چالان جاري ٿيڻ تي 4,800 شهري ٽريفڪ پوليس جي سهولت گهرن جو رخ ڪيو، جن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ جا چالان معاف ڪيا ويا، باقي جا چالان خصوصي ڪميٽي ڏانهن فيصلو لاءِ موڪليا ويا.