رياستي سربراهه کي ڇوٽ ڏيڻ ۾ ڪو حرج ناهي:عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ رياست جي سربراهه کي ڇوٽ حاصل هوندي آهي ۽ رياست جي سربراهه کي ڇوٽ ڏيڻ ۾ ڪو حرج ناهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ڇوٽ نه وٺڻ جو فيصلو سٺو قدم هو. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪنهن قسم جو ڪو ڊيڊلاڪ ناهي. هن چيو ته اهي ترميمون گڊ گورننس، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط رشتن لاءِ آهن. سڄي دنيا ۾ آئيني عدالتن جو تصور آهي. آئيني عدالتن جو قيام پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي جو گڏيل مطالبو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.