اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ اڳوڻن ججن ۽ نامور وڪيلن پاڪستان جي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته هو 27هين آئيني ترميم تي غور لاءِ فل ڪورٽ اجلاس گهرائي، سينيئر وڪيل فيصل صديقي جو لکيل خط 9 نومبر تي جاري ڪيو ويو، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جسٽس مشير عالم، اڳوڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نديم اختر ۽ ٻين 9 اهم قانوندانن جون صحيحون شامل آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته هي پيغام عام حالتن ۾ نه پر اهڙين غيرمعمولي حالتن ۾ لکي پيو وڃي، جيڪي 1956ع ۾ سپريم ڪورٽ جي قيام کان پوءِ اداري لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻيا آهن، اڳوڻن ججن ۽ وڪيلن لکيو ته 27هين آئيني ترميمي ايڪٽ سان وفاقي اپيليٽ ڪورٽ جي ڍانچي ۾ بنيادي ۽ تاريخي تبديلي آندي پئي وڃي، جيڪا 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڏٺي پئي وڃي، هنن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سول يا فوجي حڪومت سپريم ڪورٽ کي ماتحت عدالت بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر 27هين ترميم ذريعي اهو عمل ڪيو پيو وڃي، خط ۾ چيف جسٽس کي چيو ويو ته جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هي ترميم عدليا جي ڍانچي ۾ وڏي ۽ انقلابي تبديلي آڻي رهي آهي، ته فل ڪورٽ ميٽنگ فوري طور سڏيو وڃي، جيئن عدالت حڪومت کي پنهنجي قانوني راءِ ۽ سفارشون ڏئي سگهي، وڪيلن چيو ته سپريم ڪورٽ کي ڪنهن به آئيني ترميم بابت وفاقي حڪومت کي راءِ ڏيڻ جو آئيني حق حاصل آهي ۽ هي ترميم عدليا جي جوڙجڪ، اختيارن ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي نظام ۾ وڏي تبديلي آڻي رهي آهي، خط ۾ خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن عدالت غيرجانبداريءَ جي بنياد تي خاموش رهي، ته پوءِ اهو به تسليم ڪيو وڃي ته موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي آخري سربراهه طور ڪم ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حيثيت ختم ٿي ويندي، سپريم ڪورٽ جا اختيار نون آرٽيڪل 189 هيٺ صرف سول ۽ فوجداري اپيلن تائين محدود ٿي ويندا، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت کي صوبن جي وچ ۾ تڪرارن، بنيادي حقن جي عملداري ۽ آئيني تشريح وارن معاملن تي مڪمل اختيار هوندو.