سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 727 ڊينگي ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي سموري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب سڄي سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور تي ڊينگي جا 3 هزار 278 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 727 ڪيس پازيٽو آيا آهن. ڪراچي ڊويزن ۾ 1 هزار 919 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 269 پازيٽو ڪيسن جي تصديق ٿي. حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 359 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 458 ڪيس پازيٽو آيا.صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ واضح ڪيو ته ڊينگي جي پازيٽو ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي رهي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 103 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ 72 نوان مريض داخل ٿيا.سڄي صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 58 مريض ۽ پرائيويٽ اسپتالن مان 92 مريض صحتياب ٿي گهر ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي مان 1 فوتگي رپورٽ ٿي.ھلندڙ مهيني۾ ڊينگي سان سڄي صوبي ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 6 هزار 708 رڪارڊ ٿيو.ھلندڙ سال سڄي صوبي ۾ ڊينگي سان متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 12 هزار 284 آهي. ھن وقت سڄي صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 271 آهي، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 171 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.