27هين ترميم سان عوام مٿان جبر ۽ لاقانونيت وڌندي:رياض چانڊيو

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته جڏهن به هن ملڪ ۾ آئيني ترميمون ٿيون آهن ته عوام جي اختيارن ۽ حقن تي راتاهو هنيو ويو آهي، آئيني ترميمن جي نالي تي فاشز ازم مڙهيو پيو وڃي ان ترميمن سان عوام مٿان جبر ۽ لاقانونيت وڌندي، اهڙي خيالن جو اظهار محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو سنڌ ايڪش ڪميٽي ڪراچي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر آئين جي نالي ۾ ملڪ اندر جمهوريت جي نالي ۾ جمهوري حڪومت جي نالي ۾ ڏاڍ ذريعي عوام جا مالي توڙي سياسي اختيار ڦرجندا رهيا آهن موجود 27هين ترميم يا گذريل 26هين ترميم يا ان کان اڳ ۾ ٿيل ترميمن ذريعي مظلوم قومن جي وجود مٿان ڪاري ضرب هنئين وئي آهي سنڌ مٿان ارڙهن سالن کان وٺي ڦرلٽ جو راڄ مڙهيل آهي، هي ان جو تسلسل آهي ته ڏوهارين ۽ ڪرمنلز کي ڏوھ ڪرڻ جي آزادي هوندي صدر توڙي اعلي عهدن تي ويٺل ماڻهون انصاف ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڪڏھن نه ايندا انهن کي محفوظ ڪري عوام کي غير محفوظ ڪري سنڌين لاءِ عذاب ڪيو ويو آهي ان جي خلاف جدوجهد ڪندڙ جمهوريت پسندن آزادي پسندن انساني حقن ۽ قانون جي ڳالهه ڪندڙ مٿان فرض ٿو ٿئي ته اڳتي وڌي هن ظلم جو مقابلو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.