ڪراچي / حيدرآباد (پ ر)سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي باڊيءَ ۽ آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جو آن لائين گڏيل اجلاس ڪانگريس جي مرڪزي چيف آرگنائيزر محب آزاد جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر محسن سولنگي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، مرڪزي آرگنائيزر اعزاز لغاري، مرڪزي آرگنائيزر مڪيش ڪمار، آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ساٿين اسد شاھ، غني عاجز، جبل سومري، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ن موقعي تي ڪارپوريٽ فارمنگ ، سنڌ جي وجود تي وار. جبري گمشدگين ،انڊس ڊيلٽا جي تباهي ۽ هٿرادو ماحولياتي تبديلين ،سنڌ مان نڪرندڙ منرلز ۽ وسيلا سنڌ تي خرچ نه ڪرڻ،ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پھرين مرحلي ۾ سجاول مان 27 نومبر کان 30 نومبر 2025 گولاڙچي تائين مارچ ڪيو ويندو.