اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي جاري ڪيل بيان موجب، جڏهن ڪميٽي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي استثنيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ٿي، ته چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي لاءِ به استثنيٰ ڏيڻ جي تجويز سامهون آئي هئي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق آرٽيڪل 248 تحت استثنا وٺڻ کان مڪمل انڪار ڪيو آهي.سردار اياز صادق جو چوڻ آهي ته مان سڀ کان پهريان عوام جو چونڊيل نمائندو آهيان، عهدي دار بعد ۾. مون کي ڪا به استثنيٰ نه گهرجي.