عمران خان جي خوف سبب وزيراعظم جي عهدي کي استثنيٰ نه ملي؟

لاهور(معظم فخر)27هين ترميم تي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڳالهين دوران فاروق نائيڪ فوجداري ڪيسن ۾ عمران خان کي به استثنيٰ ڏيڻ جي ڳاله چئي رنگ ۾ ڀنگ وجهي ڇڏيو،ان ڳالهه پوري محفل جي ڳالهين جي انداز کي ئي بدلائي ڇڏيو پوءِ ان ڳالهه تي بحث شروع ٿي ويو ته عمران خان جيل کان ٻاهر اچي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟پ پ صدر کي تاحيات استثنيٰ ۽ نيب جي خاتمي جو مطالبو ڪيو،نيب کي ايف آءِ اي ۾ ضم ڪيو وڃي يا ان کي ڪميشن ۾ تبديل ڪيو وڃي،ن ليگ جي انوشا رحمان ۽ هڪ سينيٽر وزيراعظم جي عهدي لاءِ به فوجداري ڪيسن کان استثنيٰ ڏني وڃي،جنهن تي فاروق نائيڪ چيو ته صدر هڪ آئيني عهدو ۽ مملڪت جو سربراهه آهي،وزيراعظم لاءِ اهڙي تجويز تي عمل ڪرڻو آهي ته عمران خان کي به استثنيٰ ملي ويندي،هن خلاف به فوجداري ڪيس ۽ ريفرنس ختم ٿي ويندا،جيڪي سزائون هن کي مليل آهن اهي به ختم ٿي وينديون،فاروق نائيڪ پاران اهڙو نڪتو اٿارڻ کانپوءِ اجلاس ۾ بحث شروع ٿي ويو،اهو به چيو ويو ته 26هين ترميم کان پهرين جيڪي ڪيس هئا اهي جاري رهندا،27هين ترميم ان تي اثرانداز نه ٿيندي،فاروق نائيڪ چيو ته آئين ۾ اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪنهن هڪ وزيراعظم کي آئيني تحفظ نه هجي ۽ ٻين لاءِ تحفظ شامل هجي،معاملو آئيني عدالت ۾ ويو ته پوءِ اسان ڦاسي پونداسين،ان صورتحال ۾ ن ليگ مشورو ڪرڻ جو چيو،جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهبازشريف آذربائيجان مان ٽوئيٽ ڪري استثنيٰ وٺڻ کان انڪار ڪيو،حڪومت جي ان عمل ثابت ڪيو ته عمران خان جي آزادي حڪومت ۽ هائبرڊ سسٽم لاءِ تباهه ڪن ٿي سگهي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.