اسلام آباد(عوامي آوازرپورٽ) آئيني ۽ پارلياماني معاملن جي ماهر ۽ پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هيل تائين استثنيٰ صرف عهدي جي مدت تائين محدود رهيو آهي.هاڻي تاحيات استثنيٰ بابت قياس آرائيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، جيڪي ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ قبول نه ٿيڻ گهرجن.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته استثنيٰ وٺڻ ڪمزوري جي نشاني آهي،سوال اهو آهي ته توهان کي ڪهڙي ڳالهه لاءِ استثنيٰ گهرجي؟ڇا توهان کي ڪنهن ڏوهه جو احساس آهي؟هن چيو ته صدارتي استثنيٰ جو اهو سبب آهي ته هڪ صدر کي ڪورٽ ڪچهري ۾طلب ڪرڻ مناسب ناهي
-
پ پ ۽ ن ليگ گڏجي جمهوريت کي دفنائي ڇڏيو؟
اسلام آباد( عمران شفقت)ڇا 27هين آئيني ترميم ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي ملڪ جي جمهوريت کي دستوري لحاظ سان دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا پاڪستان جي جمهوري قوتن جي بالادستي جو خواب، جيڪو اڌورو رهيو، هاڻي مرده ٿي ويو آهي،27هين آئيني ترميم کان اڳ ۽ ان جي منظوري کان پوءِ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن، خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي عمران خان جي حمايت ڪن ٿا ۽ ڏسڻ چاهين ٿا ته ان کان پوءِ به هو اسٽيبلشمنٽ تي غالب آهي يا نه؟اهو به واضح آهي ته جيڪڏهن ڪير سوچي ٿو ته عمران خان کي سياسي طور تي روڪي سگهجي ٿو، ته حقيقت اها آهي ته قانوني ۽ دستوري تحفظ سان، انهن لاءِ رڪاوٽ وڌائڻ ممڪن نه آهي. 27هين ترميم کان پوءِ جمهوريت تي اثر گهٽ آهي، ۽ پارليامينٽ جي اختيار کي مضبوط ڪيو ويو آهي. طاقت جو توازن برقرار رکندي، فوج ۽ سياسي حڪومت جي وچ ۾ هڪ سمجھوتو قائم ڪيو ويو آهي.عمران خان جي سياسي زندگي لاءِ، ۽ فوج جي فخر ۽ ڪاميابين لاءِ، 27هين آئيني ترميم هڪ اهم سنگ ميل آهي، جنهن سان جمهوريت کي به تحفظ مليو آهي ۽ مستقبل جي سياسي استحڪام لاءِ رستو کوليو ويو آهي.
-
ڪرپشن ڪيسن بابت پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ذڪر
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي حسنات ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پ پ جي سي اي سي اجلاس شروع ٿيو ته صدر آصف علي زرداري بس ايترو چيو ته 27هين ترميم جو جيڪو به فيصلو ڪرڻو هجي بس اهو ياد رکو ته نواز ليگ پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن،جڏهن ته اسان جا ڪيس رهن ٿا،اسان تي ڪرپشنجا ڪيس برقرار آهن،هن چيو ته صدر زرداري رڳو ايتري ڳالهه چئي ۽ صوفي تي ٽيڪ لڳائي سمهي رهيو