27هين آئيني ترميم عدليا تي حملو آهي: عوامي تحريڪ27هين آئيني ترميم عدليا تي حملو آهي: عوامي تحريڪ

ڪراچي اوڀر/ ملير (رپورٽر/ ڊ ر) 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ جي حوالي سان عوامي  سجاڳي مهم جاري، عوامي تحريڪ مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ ٻئي ڏينهن به ڪراچي ڊويزن جو دورو ڪيو، وڪيل منير ملڪ سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪري کيس مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي وسند ٿري چيو ته 27هين آئيني ترميم عدليا تي حملو آهي، چند ماڻهن کي احتساب کان آجو ڪري بادشاهت قائم ڪئي وئي آهي. پيڪا ايڪٽ وسيلي ميڊيا کي اڳ ۾ ئي قيد ڪيو ويو هو، 26هين آئيني ترميم ۽ پوءِ 27هين آئيني ترميم وسيلي عدليا کي مڪمل طور حڪومت جي ماتحت ڪيو ويو آهي، عدليا کي به پوليس جيان ڪرپٽ ۽ وڏيرن جو غلام بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي آئيني بينچ حڪومت خلاف هڪ به فيصلو ناهي ڏنو، آئيني بينچ جا سمورا فيصلا حڪومتي ڌر جي فائدي وٽان آيا آهن، 27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ اڻ اعلانيل طور ختم ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.