اسلام آباد (حماد حسن) 27هين ترميم جي منظوري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس تڪڙا طلب ڪيا ويا ته ترميم کي حتمي شڪل ڏني وڃي، ۽ صدر مملڪت پاران فوري منظوري ڏني وڃي، هي ترميم مرڪزي فوجي ۽ سياسي ڪنٽرول وڌائي ٿي، سپريم ڪورٽ جي خودمختياري محدود ڪري ٿي، ۽ آئيني عدالتن کي نئين ترتيب ڏئي ٿي. تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي مستقبل ۾ ملڪ ۾ وڏا فيصلا پيش اچن، ۽ سياسي احتجاج يا جمهوريت تي اثر پوي. 27هين آئيني ترميم سان ملڪ ۾ فوجي مرڪزي ڪنٽرول، عدالتي اختيارن جي حد بندي، ۽ سياسي فيصلا سازي تي تڪڙي عمل جو منظرنامو واضح ٿي رهيو آهي، جنهن تي عوام ۽ تجزيه نگارن جي نظر آهي