ڪابينا مڪاني نظام منظور ڪيو(متحده)اها ترميم غور هيٺ ناهي آئي: پ پ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جو مجوزه بلدياتي حڪومتن بابت بل بحث لاءِ آيو، جنهن کي وزيراعظم نه رڳو منظور ڪيو پر مڪمل سپورٽ به ڏني،نجي ٽي وي  سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي ايم ڪيو ايم جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي،هن وضاحت ڪئي ته وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم جو بل جيڪو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو   ويندو، ان ۾ بلدياتي بل اڳ ۾ ئي موجود هوندو۔وفاقي وزير جو چوڻ هو ته موجوده وقت ۾ مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي ان بل جي حمايت ۾ آهن، ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته ٻين پارٽين جي به حمايت حاصل ڪئي وڃي،جڏهن ته  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان 27هين آئيني ترميم تي ڪو خاص بحث نه ٿيو ۽ سندس خيال ۾ هاڻي نيون ترميمون آڻڻ جو مرحلو صحيح نه آهي۔پارليامينٽ جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جن طئي ٿيل ترميمن تي اڳ ۾ اتفاق ٿيو آهي، صرف انهن تي بحث هئڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.