پشاور(م ڊ) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر اشرفي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ طاهر اشرفي چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پاران مسجدن بابت ڪيل ڳالههه افسوسناڪ آهي. سهيل آفريدي جو بيان نه رڳو قابل مذمت آهي پر پاڪستان جي تصوير کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج مسجدن ۽ اسڪولن جي محافظ آهي، جيڪا ڪڏهن به غير محفوظ ٿيڻ نه ڏيندي. پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي اهڙي بيان لاءِ وڏي وزير سهيل آفريدي کي عقل ۽ شعور ڏيڻ گهرجي.