جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي تعليم کاتي ۾ مبينا طور هڪ ڪروڙ 20 لک روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اڳوڻي ڊي اي او پرائمري سيڪريٽري تعليم کي رپورٽ موڪلي ڇڏي ، ٽن ٽي اي اوز خلاف ڪارروائي جي سفارش، جيڪب آباد جي اسڪولن لاءِ آيل مخصوص بجيٽ ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي اڳوڻي ڊي اي او پرائمري رياض شاهه سيڪريٽري تعليم کي ٽي اي او فيميل ٺل ٽي اي او ميل ۽ فيميل جيڪب آباد خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي اڳوڻي ڊي اي او پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اسڪولن لاءِ مخصوص بجيٽ ملي جنهن فنڊس مان ٽي اي او ميل جيڪب آباد 73 لک 83 هزار 350 ٽي اي او فيميل جيڪب آباد 16 لک 79 هزار 750 ۽ ٽي اي او فيميل ٺل 29 لک 80 هزار 250 روپيا غيرقانوني ڪڍرايا آهن ٽنهي ٽي اي اوز پنهنجي اختيارين جو ناجائز فائدو وٺي ڪروڙين روپين جا فنڊس ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيا آهن ٽنهي ٽي اي اوز خلاف کاتيوار سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي ڪرپشن جي ور چڙهي ويل پئسا واپس موٽرايا وڃن.