ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واٽر ٽينڪر نوجوان کان حياتي کسي ورتي، بلديا ۾ واٽر ٽينڪر موٽر سائيڪل سوار نوجوان کي ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو، جڏهن ته حادثي کان پوءِ ڊرائيور فرار ٿي ويو، رپورٽ موجب حادثو بلديا لڪي چڙهائي جامع فاروقيه مدرسه جي ويجهو پيش آيو، جتي واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ۽ لاش کي ڇيپا جي رضاڪارن جي مدد سان سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڇيپا انتظاميا موجب نوجوان موٽر سائيڪل تي سوار هو ۽ حادثو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب پيش آيو، شروعاتي طور نوجوان جي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي، سندس عمر لڳ ڀڳ 28 کان 30 ورهين جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي،پوليس موجب حادثي جو ذميوار ڊرائيور واٽر ٽينڪر ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي، واٽر ٽينڪر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.