راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ وياج خورن ماڻهن طرفان شادي شده عورت سان مبينا زيادتي، ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ ۽ زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، راولپنڊي ۾ مبينا طور تي وياج خورن هڪ عورت کي نه رڳو ڪروڙين رپين کان محروم ڪيو پر کيس بار بار زيادتي جو نشانو بڻائي آخرڪار زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو،گوجر خان ۾ سٽي پيلس بابا رحيم شاهه جي ويجهو پيش آيو، هڪ مقامي جيولرز ۽ فنانس بينڪ جي ملازم پنهنجي ساٿي سان گڏجي عورت کي وياج تي رقم ڏيڻ جي نالي ۾ ڦاسايو، زيورات هڙپ ڪيا ۽ پوءِ بليڪ ميل ڪندي زيادتي جو سلسلو جاري رکيو، مقتولا جي موت کان پوءِ سندس موبائل فون مان ڪجهه اهڙيون وڊيوز هٿ آيون آهن جن ۾ عورت پاڻ ٻڌائي رهي آهي ته کيس وياج تي پئسا ڏيڻ، بليڪ ميل ڪرڻ ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس مقتولا جي مڙس شيراز آفتاب جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،شيراز آفتاب ٻڌايو ته زال جيولرز عديل، موسيٰ ۽ فنانس بئنڪ جي ملازم جواد جي ڄار ۾ اچي وئي ۽ جوابدارن رقم ۽ زيور هڙپ ڪري هُن کي بليڪ ميل ڪندا رهيا، هن مون کي موت کان اڳ سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ وڊيوز ۾ به هوءَ سڀ ڪجهه ٻڌائي وئي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
فيلڊ مارشل شاندار قيادت ڏني، امڪاني ترميم خوش آئند آهي : مريم نواز
لنڊن(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير شاندار قيادت فراهم ڪئي آهي، ۽ هاڻي دنيا اسانجي ڳالهه ٻڌي رهي آهي. پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت زبردست ڪم ڪري رهي آهي ۽ تسلسل سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن جنهن سان ملڪ جو وقار دنيا ۾ وڌي رهيو آهي. لنڊن پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي بهتري لاءِ آئين ۾ ڪا ترميم ٿي رهي آهي ته اها خوش آئند ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون شهباز شريف جو رڪارڊ ناهي ٽوڙيو، پر ان جي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي، ۽ پنجاب جي عوام کان جيڪو پيار مليو آهي اهو منهنجي توقع کان گهڻو وڌيڪ آهي. مريم نواز ڀارت جي خلاف ڪاميابي تي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي شاندار قيادت ۾ فوج شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ 27هين ترميم خلاف درخواست داخل
ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف بئريسٽر علي طاهر طرفان آئيني درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تجويز ڪيل ترميم هاءِ ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوشش ۽ عدليا جي آزادي تي اثرانداز ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو. عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ترميم جي انهن حصن کي فوري طور تي روڪيو وڃي جيڪي عدليا جي آزادي ۽ ان جي آئيني اختيارن کي متاثر ڪن ٿا. درخواست ۾ چيو ويو ته 2007 جي عدالتي فيصلي جو مثال موجود آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ججن کي پي سي او تحت حلف کڻڻ کان روڪيو هو، ان وقت به عدالت عدليا جي آزادي جي تحفظ کي اوليت ڏني هئي.