سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ عدالتي حڪم باوجود چيف سيڪريٽري پيش نه ٿيو، سيڪريٽري صحت به عدالتي منع نامي باوجود چارج نه ڇڏي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ صحت سهولتن جي عدم فراھمي ۽ اربين رپين جي دوائن جي خريداري ۾ مبينا ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ جي غيرحاضري تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري لاءِ عدالت کان وڌيڪ ڪهڙيون اهم مصروفيتون ٿي سگھن ٿيون؟ ڇا هو نه ٿا ڄاڻين ته عدالت انهن کي طلب ڪيو آهي؟ ڇا اسان حڪم جاري ڪري کين ٻڌايون ته عدالت جا اختيار ڪهڙا هوندا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ذو الفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي تي مشتمل ڊبل بئنچ پاران ايڊووڪيٽ شبير شر جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جيڪا صحت کاتي پاران اربين رپين جي خريداري ۽ عوام کي بنيادي صحت سهولتون نه ڏيڻ بابت هئي، ٻڌڻي دوران سيڪريٽري صحت سنڌ ريحان بلوچ، ڊي جي هيلٿ، ڊي جي پروڪيورمينٽ ۽ مختلف ضلعن جا ڊي ايڇ اوز پيش نه ٿيا، ٻڌڻي جي شروعات ۾ جڏهن عدالت چيف سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ بابت پڇا ڪئي ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته هو مصروف هجڻ سبب حاضر نه ٿي سگهيا، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان وڌيڪ ڪهڙو ڪم اهم آهي، جيڪڏهن چيف سيڪريٽري پيش ٿين ها ته انهن کان پڇيو وڃي ها ته سڪريٽري صحت اربين رپين جون دوائون ڪنهن جي چونڊ ۽ اجازت سان خريد ڪيون؟ عدالت راءِ ڏني ته موجوده سيڪريٽري صحت غيرصلاحيتي آهي، ڇو ته 2022 جي آرڊيننس تحت ان عهدي لاءِ 21 گريڊ ضروري آهي، جڏهن ته موجوده سيڪريٽري صرف 20 گريڊ جو آفيسر آهي، ان تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته بجيٽ بڪ موجب 20 گريڊ جو آفيسر پڻ سيڪريٽري صحت مقرر ٿي سگهي ٿو، عدالت ان موقعي تي موجود سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ کان سوال ڪيو ته ڇا انهن کي ڄاڻ آهي ته سکر ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ڀرسان سرڪاري دوائن جا 10 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ ماليت جا اسٽاڪ هٿ ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي سيڪريٽري صحت چيو ته هو ان واقعي کان واقف آهن ۽ ان بابت جاچ جاري آهي، عدالت چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ٻين ادارن طرفان صحت جي شعبي لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا، پر انهن فنڊز کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ بدران انهن کي به هڙپ ڪيو وڃي ٿو، عدالت وڌيڪ چيو ته اسان کي صرف ڪاغذ ڏيکاري غلط رستو اختيار ڪيو پيو وڃي، پر عدالت جي حڪمن تي عمل نٿو ٿئي، سماعت دوران فري قين جي وڪيلن پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن بعد عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.