اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 27 هين آئيني ترميم ذريعي نئون آرٽيڪل شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن تحت سرڪاري ملازمن کي ٻٽي شهريت يا ملازمت مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندو.
ذريعن موجب، تجويز ڪيل ترميم تحت ڪو به سرڪاري ملازم ٻٽي شهريت نٿو رکي سگهي، کيس يا ته شهريت ڇڏڻي پوندي يا نوڪري.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو موقف آهي ته جڏهن پبلڪ آفيس هولڊر ٻٽي شهريت نٿو رکي سگهي ته سول سرونٽ کي به اها اجازت ڇو هجي؟ ان لاءِ آئين جي آرٽيڪل 63 ون (سي) جو حوالو ڏنو ويو آهي.
آرٽيڪل 63 موجب، جيڪو شخص ٻٽي شهريت رکي ٿو، اهو پارليامينٽ جو رڪن نٿو رهي سگهي، جڏهن ته تجويز ڪيل شق ذريعي ٻٽي شهريت رکندڙ سرڪاري ملازمن لاءِ قانوني گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويندو.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت 27 هين آئيني ترميم جي تياري مڪمل ڪري رهي آهي، جنهن ۾ آرٽيڪل 243 ۾ به ترميم شامل هوندي ته جيئن آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل جي عهد کي آئين ۾ شامل ۽ تسليم ڪيو وڃي.
تجويز ڪيل ترميم ۾ آئيني عدالتن جي جوڙ جڪ، ضلعي سطح تي ايگزيڪٽيو اختيارن جي منتقلي ۽ ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب جو نفاذ به شامل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، 27 هين آئيني ترميم جو بِل ايندڙ هفتي منظور ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like