رنسن جا انبار لڳائيندڙ بابر اعظم جي بيٽ کي زنگ ڪيئن لڳو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي سڀ کان پسنديده فارميٽ يعني هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ هلندڙ سال سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
اسٽار بيٽر بابر اعظم هلندڙ سال 13 اننگزن ۾ رڳو 352 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن دوران سندس بيٽنگ ايوريج 27.07 ۽ اسٽرائيڪ ريٽ 78.04 رهيو آهي.
بابر اعظم آخري ون ڊي سينچري ايشيا ڪپ 2023 ۾ نيپال خلاف اسڪور ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ سندس بيٽ مسلسل خاموش آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ڪيئي ميچن ۾ سٺو اسٽارٽ ملڻ ۽ ڪريز تي سيٽ ٿيڻ باوجود وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن سبب سندس فارم تي سوال اُٿي رهيا آهن.
بابر اعظم ڊگهي عرصي کان ون ڊي رينڪنگ ۾ دنيا جو نمبر ون بيٽر رهيو آهي، هاڻي پنهنجي فارم ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي، پر هر گذريندڙ ڏينهن هن لاءِ ڏکئي کان ڏُکيو ثابت ٿي رهيو آهي.
تازو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي تي هن ٽئين ميچ ۾ شاندار ففٽي اسڪور ڪئي، جنهن بعد مداح پراميد هئا ته هو ون ڊي سيريز ۾ هڪ ڀيرو وري وڏا اسڪور ڪندو نظر ايندو، پر کين مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو.
بابر ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ون ڊي ۾ 7 ۽ ٻي ۾ 11 رنسون ٺاهي سگهي. ڪرڪيٽ شوقين اميد ڪري رهيا آهن ته هو سيريز جي فيصلائتي ميچ ۾ شاندار واپسي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.