ستاويهين ترميم وارو مامرو، آئيني عدالت جي جوڙجڪ ۽ جاءِ جي چونڊ بابت اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت جي امڪاني جوڙجڪ ۽ جاءِ جي چونڊ بابت وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب، امڪاني ستاويهين آئيني ترميم کانپوءِ آئيني عدالت کي شريعت ڪورٽ واري بلڊنگ ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شريعت ڪورٽ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ٽئين فلور خالي ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلڊنگ جي ٽئين فلور تي فيڊرل شريعت ڪورٽ جي منتقلي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽئين فلور مان سامان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ وارو عمل جاري آهي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ اڄ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ جو اڄ ٿيندڙ اجلاس هاڻي ڇنڇر تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.