اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست آرٽيڪل 184(3) تحت داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184(3) ۽ 199 تحت عدالتي جائزي جا اختيار آئين جا بنيادي ٿنڀ آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي جائزي جا اختيار ختم، معطل يا ڪنهن متوازي نظام سان تبديل نٿا ڪري سگهجن.
درخواست جو مقصد 27هين ترميم کان اڳ اعليٰ عدالتن جي اختيار کي محفوظ رکڻ آهي، ترميم منظور ٿيڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس آئيني معاملن تي ٻڌڻيون نه ڪري سگهنديون.
سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر وڪيل بئريسٽر علي طاهر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تجويز ڪيل ترميم سان عدالتي نظام مفلوج ۽ عدالتون غير اثرائتيون ٿي وينديون.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي اختيار جو تحفظ ڪيو وڃي.
درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ترميم جا ٻيا حصا بعد ۾ جائزي لاءِ ڇڏي سگهجن ٿا، پر عدالتي خودمختياري متاثر نه ٿيڻ گهرجي، عدالتي اختيار جو تحفظ عالمي جمهوري اصول آهي.
تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست ۾ عالمي عدالتي مثال پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
” نين ترميمن سان عدالتي نظام مفلوج ۽ بي اثر ٿي ويندو“، 27 هين ترميم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل
You might also like