راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر چارلس رولينڊ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي خطي ۾ امن لاءِ سهڪار جي ضرورت جو عزم ورجايو. برطانوي جنرل سر چارلس دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين جي ساراهه ڪئي ۽ علائقائي امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گل رکيا، پاڪ فوج جي چست جٿي جنرل سر چارلس رولينڊ کي سلامي پيش ڪئي.