شڪارپور ۾ وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، چاچو، ڀائيٽو فوت

شڪار پور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) خانپور لڳ  مسافر وين جو  موٽر سائيڪل کي ٽڪر  لڳڻ سبب چاچو ۽ ڀائيٽو فوت ٿي ويا  جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي منگي لاڙو ڀرسان حادثو پيش آيو. حادثي ۾ فيضو لاڙو ڀرسان ڳوٺ ريڊيو  سردار پور واسي  پورهيت نثار احمد پٽ محمد نھال لاشاري ۽ سندس ڀائيٽو مختيار احمد پٽ عبدالڪريم لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته علي حسن پٽ عبدالڪريم لاشاري  زخمي ٿي پيو. زخمي کي نازڪ حالت ۾ سکر نيو ويو جنھن جي حالت  ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس فوتين جا لاش خانپور اسپتال کڻائي وئي جڏهن ته ويگن ڊرائيور فرار ٿي ويو ۽ ويگن کي تحويل ۾ ورتو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.