اي چالان کانپوءِ ڪراچي ۾ حادثا گهٽجي ويا آهن:ڊي آءِ جي ٽريفڪ

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم جي نفاذ کان پوءِ  واضح مثبت نتيجا سامهون آيا آهن،شهري هاڻي هيلميٽ ۽ سيٽ بيلٽ جي استعمال ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، جنهن سان حادثن ۽ موتن ٻنهي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي،هڪ نجي ٽي وي  سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، اڳ هر مهيني تقريباً 90 ڄڻا حادثن ۾ فوت ٿيندا هئا، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ اها شرح گهٽجي 40 تائين پهچي وئي آهي،هن ٻڌايو ته سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان چوري ٿيل گاڏين جي سڃاڻپ به ٿي رهي آهي۔ اهڙن ڪيترن ئي ڪيسن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪرائم برانچ حوالي ڪيو ويو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.