گهگهر ڦاٽڪ مان سنڌي نوجوان کنڀجي ويو

ملير (ڊ ر) گهگهر ڦاٽڪ جي هڪ نجي موبائل شاپ تان سنڌي نوجوان شير محمد ٻرڙي کي خميس ڏينهن، ڏينهن جو هڪ وڳي اڇي رنگ جي ويگو ٽيوٽا جنهن تي نمبر پليٽ نه هئي، جنهن مان 4 نقاب پوش اچي نوجوان کي کنڀي ڊالي ۾ وجهي اڻ هنڌ ڏانهن کڻي ويا آهن. سندس پٽ محمد عيسيٰ ٻرڙي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بابا کي گم ڪرڻ واري واقعد بعد سندس موبائل نمبر بند آهي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪنهن به قسم جو ڏس پتو يا ڪا خبرچار نٿي ڏني وڃي . هن اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي نقاب پوشن خلاف ايف آءِ آر جي درخواست ڏني آهي جنهن تي اسٽيل ٽائون جي ايس ايڇ او درخواست وصول ڪري جاچ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.