اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو اصل مسودو وزيراعظم پاڻ صدرِ مملڪت آصف علي زرداري حوالي ڪيو هو، جنهن تي پوءِ بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ذريعي ردعمل ظاهر ڪيو، هن چيو ته صدر مملڪت سان لاڳاپيل اختيارن کي هن ترميم ۾ هٿ نه لڳايو ويو آهي، ۽ آرٽيڪل 243 ۾ به اهڙي ڪا تبديلي شامل نه آهي، جيڪا آئينِ پاڪستان سان ٽڪراءُ ۾ اچي،هن چيو ته اسان حڪومتي ٽيم کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به اهڙي ڳالهه قبول نه ڪنداسين جيڪا اسان جي منشور جي خلاف هجي،جيڪي شيون پيپلز پارٽي لاءِ ناقابلِ قبول آهن، انهن تي حڪومت کي پوئتي هٽڻو پوندو، نه ته 27هين ترميم تي حڪومت کي هٿ ڌوئڻا پوندا،هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي جي عمل کي ختم ڪرڻ جي معاملي تي اختلاف اڃا تائين برقرار آهي.