اسان کي 27هين ترميم جو مسودو مليو ئي ناهي:پلوشا خان

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر پلوشا خان چيو آهي ته اسان کي 27هين ترميم جو مسودو مليو ئي ناهي، مون سميت وڏن وڏن وزيرن ان مسودي کي ناهي ڏٺو. هن چيو ته اسان کي بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ مان 27هين ترميم جي مسودي جو خدوخال  نظر اچي ٿو، ان ۾ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن تي پيپلزپارٽي کي اعتراض ٿيندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عام ترميم هجي ها ته سي اي سي جو اجلاس نه گهرايو وڃي ها. پلوشا خان چيو ته هن وقت تائين اهو مسودو تصوراتي آهي، اميد ته اهو سامهون ايندو. ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شفقت عباس اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌ سڌ واريون ڳالهيون به سچ ٿي وينديون آهن. اهڙيون ترميمون دنيا ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺيون. دنيا ۾ ترميمن تي باقاعده بحث ٿيندو آهي. قانون وارو مملڪتي وزير، بئريسٽر عقيل چيو ته 27هين ترميم لاءِ ڪا تڪڙ ناهي، باقاعده طريقيڪار سان هلنداسين ۽ پيپلزپارٽي اتفاق ڪري ٿي ته پوءِ اڳتي وڌنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.