ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نامياري ڪوريئوگرافر ۽ هدايتڪار فرح خان انڪشاف ڪيو آهي ته پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ فلمساز کيس جنسي طور هراسان ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب،ڪوريئوگرافر فرح خان ٽوئنڪل کنا ۽ ڪاجول جي ڊجيٽل پروگرام ۾ مختلف موضوعن تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته هڪ فلم دوران ڊائريڪٽر ساڻس غيراخلاقي رويو اختيار ڪيو.
هن ٻڌايو ته”مان هڪ فلم ۾ ڪوريئوگرافي ڪري رهي هيس، هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويس ۽ بستر تي ويٺي هيس، ان دوران فلمساز گاني تي ڳالهائڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ بلڪل ويجهو اچي ويٺو.“
فرح خان چيو ته ”ان اڻ وڻندڙ حرڪت تي مون کيس ترت ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.“
انٽرويو دوران فرح چيو ته ”مون کي هر حال ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته اسان مالي طور گهڻو سگهارا نه هئاسين، پنهنجي سوچ آهي ته ايترا پئسا ڪمايان جو منهنجي ٻارن ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوي.“
شو جي ميزبان ۽ واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ٽوئنڪل کنا چيو ته ” مان ان واقعي جي شاهد آهيان، اُهو فلمساز واقعي فرح جي پويان پئجي ويو هو، فرح کي کيس چڱيءَ طرح سبق سيکارڻ گهرجي.“
You might also like