اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گهرو وزارتن مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
ترڪيه جو گهرو وزير علي يرليڪايا پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي محسن نقوي سندس آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ۽ ون ٽو ون ملاقات به ٿي.
ملاقات دوران پاڪستان- ترڪيه لاڳاپن، دهشتگردي خلاف ڪارروائين، منشيات جي روڪٿام، انساني سمگلنگ، بارڊر سيڪيورٽي، سائبر ڪرائم، ڪوسٽ گارڊ ۽ پوليس جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وزارتن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
طئي ڪيو ويو ته اهو ورڪنگ گروپ هر سال چار ڀيرا ملاقات ڪندو، جڏهن ته دهشتگردي خلاف گڏيل سهڪار کي به وڌايو ويندو.
علي يرليڪايا چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ ترڪيه جي سلامتي کان الڳ ناهي، هن پاڪستان جي دهشتگردي ۽ منشيات خلاف قدمن ۽ ڪردار جي ساراهه ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اميگريشن، منشيات جي روڪٿام ۽ انساني سمگلنگ جي شعبي ۾ به سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
محسن نقوي چيو ته انساني سمگلنگ ۽ غير قانوني اميگريشن هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس محدود وسيلن باوجود ساراهه جوڳو ڪم ڪري رهي آهي، گذريل پنجن سالن دوران پاڪستان مان ترڪيه ڏانهن منشيات سمگلنگ جو هڪ به ڪيس سامهون نه آيو آهي.
ملاقات ۾ پوليس ٽريننگ ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربي مان فائدو وٺڻ ۽ گڏيل تربيت وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ترڪ گهرو وزير چيو ته ترڪيه پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ سڀني شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، گڏيل ورڪنگ گروپ جو قيام ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.
هن ڀرپور ميزباني تي پاڪستاني هم منصب جا ٿورا پڻ مڃيا.
You might also like