ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور 5 هزار 295 ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 213 ڪيس پوزيٽيو آيا، ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 721 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 591 ڪيس پوزيٽيو آيا، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 622 ڪيسن جي تصديق ٿي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 115 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 128 نوان مريض داخل ٿيا. پوري صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 105 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 80 مريض صحتياب ٿي گهر واپس ويا، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر کان 2 نومبر تائين اسپتال ۾ 482 مريض داخل ٿيا، جن مان 28 آڪٽوبر تائين 314 مريض داخل ٿيا ۽ 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر تائين 168 مريض داخل ٿيا، افسوس جي ڳالهه آهي ته آڪٽوبر دوران سڄي سنڌ ۾ ڊينگي سبب ڪل 13 فوتگيون رپورٽ ٿيون، جن ۾ حيدرآباد مان 4، ٽنڊو محمد خان مان 1، ڪراچي ڪورنگي مان 1، ڪراچي ملير مان 3، ڪراچي ايسٽ مان 2 ۽ ڪراچي ويسٽ مان 2 شامل آهن، جڏهن ته نومبر ۾ ڊينگي سبب هاڻي تائين 3 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جن ۾ حيدرآباد مان 2 ۽ ٽنڊو الهيار مان 1 شامل آهن. اسپتال ڪميٽي ڊينگي جي موت جي هر ڪيس جي مڪمل رپورٽ جي تصديق ڪئي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري سنڌ مان 4 فوتگيون پڻ رپورٽ ٿيون. هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 217 آهي، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 239 آهي.