اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) اڳوڻي سينيٽر ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي جو ارادو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت وفاقي حڪومت کي فوج سميت سمورين فورسز جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول حاصل آهي ۽ آرمي چيف جي مقرري به ان جي ذميواري آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هن آرٽيڪل ۾ ترميم ڪئي وئي ته ملڪ جو رياستي ڍانچو ئي بدلجي ويندو،مصطفيٰ نواز کوکر موجب ڳالهه سامهون اچي رهي آهي ته ڪمانڊر ان چيف جو نئون عهدو تخليق ڪيو پيو وڃي ۽ جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪيو ويندو، آئين ۾ جيڪو سپريم ڪمانڊ جو اختيار صدر پاڪستان وٽ آهي، ان سان به ڇيڙڇاڙ ڪئي ويندي،هن واضح ڪيو ته آرٽيڪل 243 سان ڇيڙڇاڙ سويلين بالادستي تي سخت وار هوندو ۽ ان کانپوءِ آئين ۽ سويلين ادارن کي مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت ڪيو ويندو۔ هن چيو ته ستاويهين ترميم رياست جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيندي۔
-
جمهوريت پسندن کي 27هين ترميم خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي: ڪاشف سعيد
ڪراچي (رپورٽر) جماعتِ اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان مجوزه 27هين ترميم بابت ڪيل انڪشافن کان پوءِ ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي۔ فارم 47 ذريعي ملڪ تي جعلي قيادت مڙهيندڙ هاڻي مجوزه ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ صوباڻي خودمختياري تي حملو ڪري رهيا آهن۔ وڪيل، جمهوريت جا دعويدار پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ جمهوريت پسند ماڻهن کي 27هين ترميم خلاف گڏ ٿيڻ گهرجي، اڃا 26هين ترميم جا زخم ڀريا به نه هئا جو هاڻي 27هين ترميم ذريعي قومي وحدت ۽ ننڍن صوبن جي محرومين ۾ اضافو ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ لڳي ٿو حڪمرانن مشرقي پاڪستان مان سبق نه سکيو آهي۔ 21 نومبر تي مينار پاڪستان لاهور ۾ ٿيندڙ اجتماع عام مايوسي جي ماحول ۾ اميد جي ڪرن ثابت ٿيندو۔ ڪراچي کان ڪشمور تائين جا ماڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن اجتماع عام جي تيارين سلسلي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي هر سطح جي ذمه دارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، جنرل سيڪريٽري ذيشان عابد چانڊيو، مقامي امير رميز راجا شيخ ۽ ٻيا ذميوار پڻ موجود هئا۔ هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪا به قانونسازي عوامي مسئلن ۽ قومي مفادن ۾ ٿيڻ گهرجي،