ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کان 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ چيو ويو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي لڳايل ڏنڊ غير منصفاڻا ۽ حد کان وڌيڪ آهن، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ جن ڀڃڪڙين تي 200 رپيا ڏنڊ آهي، اُهو ئي ڏنڊ ڪراچي ۾ 5000 رپين تائين پهچي ويو، ٽريفڪ قانونن ۾ سڌارا ۽ نئون نظام رڳو ڪراچي ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي، صوبن جي ٻين وڏن شهرن ۾ اهڙو نظام موجود ناهي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل نادرا کي به ڌر بڻايو ويو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.