27هين آئيني ترميم، سنڌ جي وحدت تي ھڪ نئون وار!

تحرير: آفتاب عالم مهر

سنڌ جي سياسي، علمي، ثقافتي ۽ عوامي حلقن ۾ هن وقت سڀ کان اهم ۽ ڳڻتي جو سبب 27هين آئيني ترميم آهي، جيڪا رڳو هڪ قانوني يا آئيني تبديلي ناهي، پر سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ سڃاڻپ سان ڳنڍيل سڀ کان حساس قومي مسئلو بڻجي چڪي آهي. جڏهن به سنڌ جي وجود، سرحدن يا وسيلن تي هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سنڌ جا ماڻهو تاريخ جي هر موڙ تي قربانيون ڏئي پنهنجن حقن جو تحفظ ڪيو آهي۔ سنڌ جو شعور هزارين سالن جي تهذيب، ادب ۽ فڪر مان نڪتل آهي، جنهن کي ڪابه سياسي يا مرڪزي حڪمت عملي ختم نٿي ڪري سگهي.

اڄ 27هين آئيني ترميم جي نالي ۾ نوان صوبا ٺاهڻ، وسيلن جي ورهاست ۾ تبديلي ۽ صوبائي اختيارن کي محدود ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون، سنڌ جي بقا لاءِ نئون خطرو بڻجي ويون آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي واضع لفظن ۾ چيو آهي، “جيڪڏهن 27هين ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي وئي ته سنڌ خاموش نه ويهندي۔” ساڳئي طرح عامر نواز وڙائچ چيو آهي: “جيڪڏهن سنڌ جو عوام اڄ ٻاهر نه نڪتو ته سنڌ ورهائجي ويندي۔” اهي جملا رڳو اظهار نه آهن، پر سنڌ جي ڌرتيءَ جي دل مان نڪتل صدا آهن، جيڪي هر حساس ذهن تائين پهچڻ گهرجن.

سنڌ جي وحدت رڳو سياسي حدن تائين محدود ناهي، هي ڌرتي پنهنجي اندر هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ فڪري وحدت رکي ٿي. سنڌ جي زبان، موسيقي، لباس، لوڪ ادب ۽ صوفي فڪر سڀ گڏجي اهڙو وجود ٺاهين ٿا، جيڪو ٽٽڻ سان رڳو صوبو نه، پر تهذيب ئي ختم ٿي ويندي. جڏهن ڪراچيءَ کي ڌار صوبي جو نالو ڏئي سياسي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تڏهن به سنڌ جي ماڻهن اهو پيغام ڏنو ته سنڌ ڪنهن ٽڪري يا صوبي جو نالو نه، پر هڪ احساس، روح ۽ ثقافت جو نالو آهي.

اڄ جي صورتحال ۾ پاڻيءَ جي ورهاست کان وٺي وسيلن جي قبضي تائين، سنڌ کي هر طرفان محروميءَ ۾ ڌڪيو پيو وڃي. نوان صوبا ٺاهڻ يا انتظامي تبديليءَ جي آڙ ۾ جيڪو منصوبابندي وارو نظام آندو پيو وڃي، اهو رڳو وفاقي اختيار وڌائڻ نه، پر صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ جا وسيلا، خاص طور تي پاڻي، گئس، ڪوئلو ۽ بندرگاهون، هميشه مرڪز جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيا آهن، ڇو⁠تہ جيڪي سنڌ وٽ آهي، اهو ملڪ جي معيشت جو بنياد آهي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجن وسيلن ۽ وحدت تي سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪندو. 1940ع جي قراردادِ لاهور ۾ صوبن جي خودمختياري جو اصول واضع ڪيو ويو، جنهن جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو. افسوس جو اڄ انهن ئي اصولن کي لتاڙڻ لاءِ نئين ترميمي تلوار تيار ڪئي پئي وڃي. وفاق جي نالي ۾ جيڪڏهن صوبن جي حقن تي قبضا ڪيا ويا، ته وفاقي نظام پنهنجو اصل مقصد وڃائي ڇڏيندو.

سنڌ جا سياسي اڳواڻ، شاگرد تحريڪون، ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ هارين جا نمائندا، سڀني کي گڏجي هڪ آواز ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وحدت تي حملو ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو نه، پر سڄي قوم جو مسئلو آهي. سنڌ جي مستقبل جو فيصلو اڄ جي شعور تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن نوجوان نسل خاموش رهيو، ته ايندڙ نسلن لاءِ رڳو ڪتابن ۾ لکيل لفظ “سنڌ هئي” رهندو.

27هين آئيني ترميم جو مقصد جيڪڏهن وفاقي اختيار وڌائڻ آهي، ته اهو مرڪزي حڪمرانيءَ جي واپسيءَ جو اشارو آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش وفاق لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سنڌ جي وحدت ئي پاڪستان جي بقا جي ضمانت آهي.

وفاقي ادارا 27هين ترميم جي نالي ۾ صوبائي وسيلن، سرحدن ۽ قانون سازيءَ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سان سنڌ جي خودمختياري ۽ وحدت متاثر ٿيندي. جيڪڏهن هي ترميم منظور ٿي وئي ته رڳو مالي ۽ انتظامي اختيار مرڪز ۾ جمع نه ٿيندو، پر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافتي وجود به خطري ۾ پئجي ويندو.

سنڌ جا سياسي، سماجي ۽ علمي حلقا گڏ ٿي هڪ مضبوط قومي مورچو ٺاهين. شاگرد، استادن، ليکڪن، عورتن ۽ مزدورن تائين شعور پهچايو وڃي ته سنڌ جي وحدت ڪنهن به پارٽيءَ نه، پر قوم جي بقا جو سوال آهي. تعليمي ادارن ۾ بحث، ميڊيا ۾ مضمون، ۽ عوامي ميٽنگون شعور وڌائڻ لاءِ اهم آهن. سياسي اڳواڻن کي به سنڌي عوام جي حقن کي اڳ ۾ رکندي اتحاد قائم ڪرڻ گهرجي.

سنڌ جي ماڻهن هميشه پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، ۽ اڄ به ضرورت آهي ته هو هڪ ٿي بيهن. سنڌ جي وحدت جو تحفظ رڳو نعرن سان نه، پر عملي قدم سان ممڪن آهي. سنڌ جي نوجوان نسل، ليکڪ ۽ عوام گڏجي هڪ قومي آواز بڻجي، پنهنجي وسيلن، ثقافت ۽ تاريخ جي حفاظت ڪن. سنڌ جي مٽي سڏي رهي آهي. سنڌ جي وحدت جو تحفظ، سنڌ جي زندگيءَ جو تحفظ آهي ۽ زندگي هميشه مزاحمت مان جنم وٺندي آهي.!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.