تخليق خالق جو چھرو ڏيکاريندي آھي

تحرير: رکيل مورائي

                         سنڌي نثري ادب ۾ خاڪا نگاري جيئن ملڪ جي ٻين ٻولين ۾ خاص طور اردو ٻوليءَ ۾ اڀري آيل آھي، تيئن سنڌيءَ ۾ نھ آيل آھي، پوءِ بھ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاڪن جا ڪي ڪتاب پنھنجي اھميت قبول ڪرائي چڪا آھن. اھو تھ قبول ڪيل آھي تھ خاڪا نگاري ادب جي تخليقي شاخ نھ آھي، جنھن کي سڌو سنئون فڪشن ڪوٺي سگھجي. سنڌي ادب اندر خاڪا لکندڙن جو اسلوب بھ الڳ الڳ آھي ۽ جيڪو سندن مجموعي طور لکيل ادب جي اثر ھيٺ ئي رھيو آھي، ائين سندن آتم ڪٿائون پڻ آھن.جن سنڌي اديبن خاڪا نگاريءَ ۾ شخصي طور مون کي موھيو آھي، انھن ۾ شايد پير علي محمد راشدي جو نالو پھرئين اچي. سندس نثر سنڌي ٻوليءَ جو اھڙو نثر آھي جيڪو کانئس اڳ ملي نھ سگھندو.

                         جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ نثر لکڻ جا طريقا بھ الڳ رھيا آھن، جن مان ھڪ طريقو پير علي محمد راشدي صاحب جو آھي، جنھن جو اثر مون مٿان يا چوان منھنجي ذھن مٿان شايد ڪڏھن گھٽجي تھ سگھجي ٿو پر ختم نٿو ٿي سگھي، شايد ھر لکندڙ جي روح ۾ ڪجھھ الڳ نموني ڪي لکندڙ واسو ڪري ويھي رھندا آھن.

                         جنھن نثر جو مان ذڪر ڪري رھيو آھيان ان جو لکندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ غلام رباني آگرو صاحب آخري لکندڙ آھي. پنھنجي خاڪا نگاريءَ ۾ ان کان ٻاھر ھو ٻيو آھي، پنھنجي ڪھاڻين ۾، مضمون ۾، سفر نامن ۾ توڻي خطن ۾. ڳالھھ اھا بھ آھي تھ رباني صاحب اول آخر ڪھاڻيڪار آھي ۽ سندس ڪھاڻي پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آھي. رباني صاحب پنھنجي شخصيت ۾ پڻ ھڪ ڳوٺاڻو قصاگو شخص رھيو آھي. جيڪي شخص سندس ڪچھرين ۾ ويٺا آھن اُھي ڄاڻن ٿا تھ ھو ڳالھين جو ڳھير اھڙو ليکڪ ھئو جنھن جو ڳالھائڻ بھ جڪڙي رکندو ھئو تھ سندس ڪھاڻي بھ شروع ڪرڻ کان پوءِ ختم ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي نھ سگھبي ھئي. پر ھت لکڻ جو مقصد سندس خاڪا نگاري آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجو مٽ پاڻ آھي. جيتوڻيڪ کائنس پوءِ ڪيترن ئي لکندڙن خاڪا لکيا آھن ۽ لکي رھيا آھن جن جا ڪتاب بھ اچي رھيا آھن، جن جو انگ بھ چڱو ئي آھي.

ڪھاڻين کان ٻاھر سندس اھم ترين ڪتاب ”بر، بحر ۽ پھاڙ“ پڻ سوانحي خاڪن تي ٻڌل آھي، جيڪي تاريخ ۾ اھميت رکندڙ بزرگن جا سوانحي خاڪا آھن. پر رباني صاحب جي جنھن ڪتاب ملڪي سطح بيمثال پذيرائي ماڻي آھي، اھو ڪتاب ”جھڙا گل گُلاب جا“ آھي جيڪو ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آھي ۽ اڄ جي تاريخ تائين ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڇپجي چڪو آھي ۽ لڳاتار پڙھيو ويو آھي، خاڪن جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنھن تي شايد گھڻي ۾ گھڻو لکيو بھ ويو آھي.

ھن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل ٻولي نج ساھتيءَ جي ٻولي آھي ۽ ڪن موقعن تي ھن ڪتاب اھو بھ محسوس ڪرايو آھي تھ ان ۾ جن شخصن بابت خاڪا لکيا ويا آھن، انھن شخصن سان غير ضروري پاسخاطريءَ بجاءِ انھن جا شفي/پازيٽيو توڻي نفي/نيگيٽيوِ پاسا باريڪيءَ سان ڌيان تي آندا ويا آھن، سنڌي ادب ۾ ايئن گھٽ ٿيو آھي، لکندڙن اڪثر ٻنھي شدتن جو ھڪ پاسو چونڊيو آھي ۽ ٻئي پاسي کي ممڪن حد تائين نظرانداز ڪيو آھي. ھيءُ طريقو اعتماد جوڳو چئي نھ سگھبو. رباني صاحب جي خاڪن ۾ شخصن کي پنھنجي چڱاين توڻي مٺاين جي تارازيءَ ۾ ڏسي سگھبو، اعتماد وارو لکڻ ان کي چئبو آھي. محاوراتي ٻولي رباني صاحب جي لکڻ جو ھڪ گُڻ آھي، جنھن ھنن خاڪن کي وڌيڪ سونھن بخشي آھي. وڌيڪ اھو تھ رباني صاحب ڪھاڻيڪار ھجڻ سبب پنھنجي لکيل خاڪن کي ٻوليءَ جي سونھن بخشڻ باوجود انھن کي فڪشنائيز نھ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪھاڻي ٻيو فارم آھي، خاڪو ٻيو فارم.

ڪھاڻي شخص جو اندر اظھاريندي آھي ۽ خاڪو شخص جو ٻاھر پورٽري ڪندو آھي، اھا خوبي رباني صاحب جي خاڪن ۾ ڀرپور نموني ظاھر ٿي بيٺي آھي. ھيءُ خيال منھنجو سندس ڪتاب ”جھڙا گل گلاب جا“ جي دائري بابت آھي. سندس ڪتاب ”ماڻھو شھر ڀنڀور جا“ بابت ھوند مان ائين نھ چئي سگھان ڇو تھ مون محسوسيو آھي تھ ان ۾ ڪجھھ فڪشن بھ گھڙي آيو آھي تھ اندر اندر ڪٿي شخصن جي شخصن ڏانھن پاسخاطري بھ ڏسجي رھي آھي تھ ڪٿي شخصن جو شخصن ڏانھن تلخين ڀرين حالتن جو اولڙو بھ نظر اچي رھيو آھي، جڏھن تھ رباني صاحب جي ٻوليءَ جي رواني توڻي حسناڪي ان سڀ کي عام لکڻ جيان وائکو ڪرڻ بجاءِ شفيق ماءُ جي گرم جھوليءَ وانگر ڪوسي ٿڌيءَ کان محفوظ رکيو آھي، عام لکندڙ ۽ خاص لکندڙ ۾ فرق ان موڙ تي ظاھر ٿي بيھندو آھي. جنھن بھ شخص/پڙھندڙ رباني صاحب جو لکيل مشرقي قدرن ۽ تصوف بابت مغربي لکندڙ جرمن خاتون ايني ميري شمل تي خاڪو ڌيان سان پڙھيو آھي، اھو انھن باريڪين کي ڄاڻي سگھندو، جيڪي رباني صاحب پنھنجي لکڻ ۾ آنديون آھن.

خاڪا نگاري ھڪ مڪمل الڳ فن آھي، جنھن ھيٺ لکندي ھر سنڌي لکندڙ پنھنجي لکڻ جي اسلوب کي ھٿان وڃڻ نھ ڏنو آھي ۽ رباني صاحب کي جنھن پڙھندڙ ھڪ ڀيرو پڙھيو آھي، اھو سندس لکڻيءَ تي نالو نھ ھجڻ جي صورت ۾ بھ سمجھي سگھي ٿو تھ ھيءُ نثر رباني صاحب جو آھي، اھڙو اسلوب سندس سفر نامن جي ڪتاب ”ھنگلاج ۾ چانھن“ ۾ بھ ڏسي سگھجي ٿو.

اھو اعزاز فقط صاحب اسلوب لکندڙن کي عطا ٿيندو آھي، بنا وڌاءَ جي رباني صاحب پنھنجي اسلوب جو لکندڙ آھي، اھڙو نثر اڄ لکڻ وارا گم ٿي ويا آھن. اڄ جو نثر ٻيو آھي. جيڪو نثر پنھنجي ٻوليائي سونھن سان گڏ ڪجھھ سياست، ڪجھھ وقت جي مونجھھ، ڪجھھ حالتن جي بي يقيني ڪجھھ مزاحمت پاڻ سان کڻي آيو آھي. گڏوگڏ ڪي عيب بھ ساڻ کڻي آيو آھي.

رباني صاحب جا خاڪا نج ادبي آھن جيڪي سندس ڪھاڻين جيان سنڌي ادب جي جڙيل مضبوط ديوار کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ جو سبب بڻيل آھن. رباني صاحب جھڙا ليکڪ ڪنھن بھ وطن جو ۽ ڪنھن بھ ٻوليءَ جو اھڙو وکر ھوندا آھن جيڪو پئي پراڻو نھ ٿيندو آھي، اھي تھ اھڙو مَڌُ ھوندا آھن جيڪو جيترو پراڻو اوترو پُر اثر ھوندو آھي. اُھي اھڙي ماکي ھوندا آھن جيڪا وقت گذرڻ سان پنھنجو ميٺاج وڌائيندي رھندي آھي ۽ پنھنجي مُلھھ ۾ واڌارو ڪندي رھندي آھي.

غلام رباني آگري جي سڃاڻپ ماڻيندڙ ھيءُ ليکڪ ساھتي پرڳڻي جي اھم شھر ڪنڊياري تعلقي نوشھروفيروز ضلعي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد خان آگري ۾ 5 نومبر 1933ع تي نھايت احترام لائق استاد عبداللطيف آگري جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس ھن جھان ۾ اچڻ جو ھنڌ بھ اھو ئي آھي تھ ھن جھان کان وڃڻ ۽ سدائين لاءِ آرام ٿيڻ جو ھنڌ بھ اِھو ئي آھي.

ساھتيءَ کي ساھھ سان سانڍيندڙ ۽ سندس ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ ۾ پنھنجي ڪھاڻين، مضمونن، خاڪن، سفرنامن، ترجمن ۽ ٻين لکڻين وسيلي واڌارو آڻيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ھيءُ بيمثال نثر نويس، 18 جنوري 2010ع تي سنڌ کان سدائين لاءِ موڪلائي پنھنجي مٽيءَ ماءُ جي ھنج ۾ وڃي آرامي ٿيو ۽ ھن جھان ۾ ڇڏي ويو، پنھنجا بيمثال ڪتاب، پنھنجون نھ وسرندڙ يادگيريون، کيس ڪڏھن بھ نھ وساري سگھندڙ دوست، ھڪ نياڻي ۽ ٻھ پٽ عزيز الرحمان ۽ مجيب الرحمان، ڪيئي آبرودار سرڪاري توڻي غير سرڪاري عھدا ۽ ٻيو گھڻو ڪجھھ.

اڄ 05 نومبر رباني صاحب جو جنم ڏينھن آھي، کيس ياد ڪري ڄڻ اسان پنھنجو پاڻ کي، سنڌي ڪھاڻيءَ کي، سنڌي خاڪي کي، سفر نامي کي ۽ مجموعي سنڌي ادب کي ياد ڪري رھيا آھيون. ٻي صورت رسول حمزھ توف جي لفظن ۾ ھيئن آھي تھ!” جيڪڏھن تون ماضيءَ کي پسٽل جو نشانو بڻائيندين تھ مستقبل توکي توب جو نشانو بڻائيندو.“منھنجو وشواس آھي تھ ھر تخليق پنھنجي خالق جو چھرو چٽو ڪري ڏيکاريندي آھي. رباني صاحب جو ادب جن پڙھيو آھي، اُھي ان ۾ رباني صاحب چھرو/ اسلوب چٽي نموني ڏسي سگھن ٿا ۽ بس!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.