سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ 3500 رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 3500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 20 هزار 362 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 3001 رپيا گهٽجڻ بعد 3 لک 60 هزار 362 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کان سواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 35 ڊالر گهٽتائي بعد 3980 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.