استنبول (ويب ڊيسڪ) هڪ اڳوڻي عراقي سونار ترڪي ۾ ڇهن ورهين جي محنت کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو هٿ سان لکيل قرآن پاڪ تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جا صحفا 4 ميٽر ڊگها ۽ ويڪر اڍائي ميٽر آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 1971ع ۾ جنم وٺندڙ علي زمان، عراق جي شهر سليمانيه سان تعلق رکي ٿو، کيس ننڍپڻ کان ئي اسلامي خطاطي جو شوقين هو.
هن 2013ع ۾ سونارڪو پيشو ڇڏي مڪمل طور تي خطاطي جو پيشو اختيار ڪيو.
رپورٽن موجب، 2017ع ۾ هو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ترڪي جي شهر استنبول منتقل ٿيو ته جيئن هو پنهنجي هن عظيم تخليق تي ڪم جاري رکي سگهي.
علي زمان هٿ سان دنيا جو سڀ کان وڏو قرآن پاڪ تيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ استنبول جي محرمه سلطان مسجد جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ روزانو ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪندو رهيو.
هن اِهو عظيم ڪم مڪمل طور تي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيو، جيتوڻيڪ 2023ع ۾ صحت جي مسئلن سبب کيس ڪجهه وقت لاءِ ڪم روڪڻو پيو، پر هن همت نه هاري.
نيٺ علي زمان 6 سالن جي اڻٿڪ محنت کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو هٿ سان لکيل قرآن پاڪ تيار ڪري ورتو، جيڪو هن روايتي ”ريڊ پين“ ذريعي هٿ سان لکي مڪمل ڪيو، قرآن پاڪ جا صفحا 4 ميٽر ڊگها ۽ ويڪر اڍائي ميٽر آهي.
واضح رهي ته ان دوران علي زمان ڪنهن به قسم جي جديد ٽولز جي مدد نه ورتي، پر هر اکر وڏي محنت ۽ گهرائيءَ سان پاڻ هٿ سان لکيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو قرآن پاڪ دنيا جي اڳوڻي سڀ کان وڏي نسخي کان به وڏو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 2.28 ميٽر ڊگهو ۽ 1.55 ميٽر ويڪرو هو.
علي زمان کي شام، ملائيشيا، عراق ۽ ترڪي ۾ خطاطي جا ڪيترائي بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
عظيم ڪارنامو انجام ڏيندڙ علي زمان جو چوڻ آهي ته ” اهڙي بهترين تخليق ڪرڻ هن لاءِ خوشيءَ جوڳي ڳالهه آهي، هي اهڙو عظيم ڪارنامو آهي جيڪو تمام ٿورن ماڻهن جي حصي ۾ ايندو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته سندس خاندان جو ارادو آهي ته قرآن پاڪ جو هي نسخو ترڪي ۾ ئي محفوظ رکيو وڃي ته جيئن اها اسلامي خطاطي جي تاريخي روايت کي اجاگر ڪندو رهي.
Prev Post
You might also like