لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ پي پيز معاهدا رد ڪرڻ ۽ نظرثاني سان حڪومت کي کربين رپين جي بچت ٿي آهي.
توانائي وزارت جي ذريعن موجب، دٻاءُ جي باوجود ڪيترن ئي آءِ پي پيز سان معاهدا رد ڪيا ويا، ۽ معاهدا رد ڪرڻ ۽ نظرثاني سان 3600 ارب رپين جي بچت ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 20 سال اڳ 40 آءِ پي پيز سان مهانگا بجلي جا معاهدا ڪيا ويا هئا، بجلي پيدا نه ڪرڻ باوجود ڪيپيسيٽي چارجز جي مد ۾ اربين رپين جون ادائيگيون ٿيون، آءِ پي پيز جي مهانگن معاهدن سبب عوام جي کيسي مان هر سال 3.6 ٽريلين رپيا ڪڍيا وڃن ها.
ان ڏس صنعتڪار برادري جو چوڻ آهي ته 40 ڪٽنبن آءِ پي پيز معاهدا ڪري ملڪ کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، بند پاور پلانٽس باوجود اربين رپيا وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
آءِ پي پيز معاهدا رد ڪرڻ ۽ نظرثاني سان حڪومت کي کربين رپين جي بچت، انگ اکر سامهون اچي ويا
Next Post
					You might also like