فيلڊ مارشل جي اعزاز کي آئيني تحفظ ڏيڻ ضروري آهي\مملڪتي وزير

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ جيڪي سڌارا ضروري ٿيندا آهن، انهن بابت ڳالهه ٻولهه جاري رهندي آهي ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ يا غلط رنگ ڏيڻ مناسب ناهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته آئيني عدالت جو قيام 26هين آئيني ترميم جي ايجنڊا جو حصو هو، جڏهن ته آرٽيڪل 243 ۾ تَبديلي ان ڪري زيرِ غور آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڏنل فِيلڊ مارشل جي اعزاز کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.بئرسٽر عقيل ملڪ جو چوڻ هو ته سرڪاري طور 27هين ترميم لاءِ ڪا به مسودي سازي هن مهل تائين شروع نه ٿي آهي، پر ڳالهه ٻولهه ضرور هلي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو پاران بيان ڪيل نڪتن تي به صلاح مشورا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.