اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي کي معاشي استحڪام جي توثيق قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا ضروري آهن. اسلام آباد ۾ سينيٽر محمد اورنگزيب، چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگريال، توانائي واري وزير اويس لغاري، وزير آءِ ٽي شزا فاطمه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت معاشي بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪندي رهي ٿي، عالمي ريٽنگ ايجنسيز پاڪستان جي معاشي استحڪام کي تسليم ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو پڻ معاشي استحڪام جي توثيق آهي. هلندڙ مهيني اين ايف سي ايوارڊ لاءِ اجلاس گهرايو ويندو . ٻوڏ سبب اجلاس نه ٿي سگهيو هو. چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگريال چيو ته هن سال انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو انگ 59 لک تائين پهچي چڪي آهي، ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته انفرادي ٽيڪس گوشوارن ۾ جمع ڪرائڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ موثر قدمن جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ بهتري ٿي آهي، ايف بي آر کي سڀني ادارن جو تعاون حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق کي ايندڙ 3 سالن ۾ 3.52 سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي، جڏهن ته صوبن ۾ 2.15 سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي ڇو ته صوبن جو بيس .85 آهي ۽ ان ۾ 2.15 شامل ڪرڻ تمام مشڪل آهي، جڏهن ته وفاق جو موجوده 10 سيڪڙو تي 3.5 سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي.