27 هين ترميم تي ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پيپلزپارٽي جي تڪرار جو امڪان

لاهور (عمران شفقت) بلاول ڀٽو زرداري جنهن گڏجاڻي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ذريعا چون ٿا ته جيڪي به گڏجاڻيون ٿيون هيون انهن ۾ اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه ٿي هئي، هاڻي خبر ناهي بلاول سان وفد ڪڏهن مليو هو ڇو ته ان ملاقات جي وقت جو ناهي ٻڌايو ويو.   آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، هن آرٽيڪل تحت فوج قائم ڪرڻ، برقرار رکڻ، ان ۾ ڪميشن ڏيڻ صدر جو ڪم آهي. صدر وزيراعظم جي مشوري تي مقرريون، پگهارون ۽ مراعتون به طئي ڪندو.  آئين ۾ آرمي چيف، نيول چيف ۽ ائير چيف جو ذڪر آهي پر فيلڊ مارشل جو ذڪر ناهي. ممڪن آهي ته هن آرٽيڪل ۾ ترميم ڪري ان کي شامل ڪرڻ جي ضرورت هجي. ان تي ڪو اعتراض نه ٿيندو.  ائين ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جي آئيني ماهرن، قانون دانن کي ان ڳالهه جي خبر نه پئي هجي نه ته هو ان عهدي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪن ها.  تعليم جو شعبو وفاق جو نه هجڻ گهرجي،  پاپوليشن، پلاننگ ۾ ناڪامي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي جي آهي.  اصل تڪرار اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ تي ٿيندو. 18هين ترميم ۾ صوبن جو حصو وڌايو ويو هو ۽ آئين تحت کين تحفظ حاصل آهي ته اهو حصو گهٽائي نٿو سگهجي.  پيپلزپارٽي وڏي جدوجهد کانپوءِ اها ترميم آندي هئي. 18هين ترميم صوبن جي وڏي وزير کي بادشاهه بڻايو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ننڍي بادشاهه کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي بادشاهه کي اختيار ڏنا وڃن پر ائين لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ائين ڪرڻ چاهي ٿي، وزيراعظم کي اهو اختيار واپس ڏيارڻ چاهي ٿي. ڇوته اسٽيبلشمينٽ وڏن وزيرن جي نگراني نٿي ڪري سگهي پر وزيراعظم سان معاملا ڏسي سگهي ٿي.  نظام اهڙو ٺاهڻ گهرجي ته وڏو وزير فنڊ پاڻ وٽ نه روڪي پر عوام تائين ان جو فائدو پهچي. معاملو مڪاني کاتن تائين وڃي. پيپلزپارٽي کي ان تي سوچڻ گهرجي. ظاهري طور ائين لڳي ٿو ته پ پ ۽ ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويندو.  پ پ جي اهم شخصيت ٻڌايو ته اسان کي پنهنجي سياست ۽ پارٽي بچائڻي آهي، حڪومت ناهي بچائڻي. سندس موجب، 18هين ترميم جي ڳالهه آئي ته حڪومت ڇڏينداسين پر سياست تي سوديبازي نه ڪنداسين.  ٻئي پاسي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت کي پ پ جي حمايت جي ضرورت به نه رهندي. ان صورت ۾ تڪرار جا امڪان وڌيڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.