ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ فيس ليس اي ٽڪيٽنگ سسٽم ۽ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد بابت ٻيو جائزي وارو اجلاس سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته نَوَن ٽريفڪ قانونن ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيڻ سڄي صوبي ۾ هڪجهڙو آهي، ضلعي ٽريفڪ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ ٻين ٽريفڪ ڀڃڪڙين تي نون قانونن تحت سخت عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، آءِ جي سنڌ موجب 50 قسمن جي ٽريفڪ ڀڃڪڙين تي وڌ ۾ وڌ 5 هزار رپين تائين ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 14 ڏينهن اندر ادائيگي جي صورت ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، رعايتي طور تي جرمانو 2 هزار کان 2.5 هزار رپيا ٿيندو، هن چيو ته آگاهي ۽ تنبيهه باوجود جيڪڏهن جرمانو ادا نه ڪيو ويو ته رقم مرحليوار وڌندي رهندي،اجلاس دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت 59 ڀڃڪڙين کي مانيٽرنگ ڪري ڏنڊ لڳايا پيا وڃن، صرف 9 خطرناڪ ۽ سنگين ڀڃڪڙين تي 5 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ مقررٿيل آهي، سوشل ميڊيا تي غلط طور وڏرن گاڏين جي ڏنڊ کي موٽر سائيڪل ۽ ڪار سان منسوب ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اهڙي ڪا تبديلي ناهي.