لانڍي جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ جي ذميوار انتظاميا قرار

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) لانڍي جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري وڏي واقعي بابت انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ جيل انتظاميا جي سخت غفلت، لاپرواهي ۽ ناقص سڪيورٽي انتظامن کي واقعي جو بنيادي سبب قرار ڏنو ويو، انڪوائري رپورٽ موجب قيدين جو فرار صرف زلزلي جي لوڏن سبب نه ٿيو، پر جيل اندر نگراني ۾ گهٽتائي، حفاظتي نظام جي ڪمزوري ۽ عملدارن جي لاپرواهي جي نتيجي ۾ 225 قيدي آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، رپورٽ منظرعام تي اچڻ کان پوءِ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ مولا بخش سهتو جي فرياد تي ان وقت جي جيل انتظاميا خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، داخل ڪيل ڪيس ۾ سپريڊنٽ سيد ارشد شاهه، ڊپٽي سپريڊنٽ ذوالفقار پيرزادو ۽ اسسٽنٽ سپريڊنٽ ذوالفقار خاصخيلي جا نالا شامل آهن، ايف آءِ آر جي متن مطابق جيل جي انتظامي غفلت، سڪيورٽي جي ناقص انتظام ۽ نگراني جي گهٽتائي سبب وڏي تعداد ۾ قيدي فرار ٿيا، جن مان 37 قيدي اڃا تائين مفرور آهن ۽ پوليس انهن جي ڳولا جاري رکي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.