اسلام آباد (بيورو) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليماني اڳواڻن جو اهم مشاورتي اجلاس سڀاڻي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب اجلاس جو مقصد قومي اسيمبلي جي 21هين اجلاس دوران ايوان جي ڪارروائي، ايجنڊا جي ترتيب، اجلاس جي مدت ۽ ايوان جي نظم و ضبط بابت پارليماني اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪرڻ آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليماني روايتن موجب قومي اهميت وارن معاملن تي سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت سان ايوان جي ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو، ان موقعي تي پارليماني اڳواڻ قومي معاملن، قانون سازي ۽ عوامي مفادن سان لاڳاپيل اهم معاملن تي خيالن جو اظهار ڪندا.