اسلام آباد (اسد طور) اهڙيون ترميمون آنديون پيون وڃن ۾ عوام جي بنيادي حقن، انساني حقن جي تحفظ بدران انهن کي ختم ڪيو پيو وڃي. هاڻي اوهان جا هر هنڌ ٽرائل ٿيندا ۽ سزائون ملنديون. ڏسڻو پوندو ته 26هين ترميم کانپوءِ ڇا پيپلزپارٽي 27هين ترميم ۾ به سهولتڪار بڻجندي؟ ن ليگ ته اڳ ئي هر ڳالهه تي راضي آهي. 27هين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت جو ذڪر آهي. آئيني عدالت جي قيام کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ 26هين آئيني ترميم واريون درخواستون بي اثر ٿي وينديون. اهڙا ڪيس به آئيني عدالت ويندا. ججن جي عمر 70 سال ٿي ويندي. ان سان ڪجهه ججن کي فائدو ملڻ جو امڪان آهي. 27هين ترميم ۾ ايگزيڪٽو مئجسٽريٽن کي بحال ڪيو ويندو. برطانوي دور ۾ اهي مئجسٽريٽ هوندا هئا، اهي جج عدليا جي ماتحت نه پر حڪومت جي ماتحت هوندا آهن ۽ ڊي سي (ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي رپورٽ ڪندا آهن. 2001 ۾ هڪ ترميم ذريعي انهن کي ختم ڪيو ويو هو. هي مئجسٽريٽ ٻن سالن تائين جون سزائون پاڻمرادو ٽرائل ڪري ڏئي سگهن ٿا، ڪيس ڪنهن به عدالت ۾ نه ويندو. خدشو آهي ته ڪنهن به احتجاج دوران شڪايتن تي هي سزائون ڏيندا. يعنيٰ ڪنهن کي به ڪو بهانو بڻائي کنڀي سگهبو. ٽرانسفر آف ججز به هن ترميم جو حصو آهي. خدشو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن کي نشانو بڻائي عدالت مان ڪڍيو ويندو. ان کان اڳ جج جي بدلي لاءِ سندس ۽ چيف جسٽس جو راضپو ضروري هو. ترميم ۾ اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ به شامل آهي. صوبن کي آئيني تحفظ ختم ڪيو ويندو. وفاق جنهن جي وڻي حصي مان پيسا ڪٽي سگهندو. جواز اهو هو ته وفاق وٽ پيسو ناهي، دفاع لاءِ رقم نٿي بچي. آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪئي ويندي. يعنيٰ پاڪستاني فوج جي ڪمان ۽ ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ هوندو. کين ڪٿي به ضرورت پئي مقرريون ۽ فوج کي استعمال ڪندا. هن وقت صدر وٽ فوج جي ڪمان آهي ۽ اختيار آهن. وزيراعظم جي تجويز تي ئي صدر اعليٰ عهديدارن جي مقرري ڪري ٿو. يا ته صدر جو ڪردار ختم ڪيو ويندو، يا وري ڪجهه اختيار چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي کي ڪجهه اختيار ڏنو ويندو ته هو آرمي چيف چونڊي سگهي. يا وري اهو آهي ته هاڻي جيڪا تجويز وزيراعظم ڏيندو آهي ان کي ختم ڪري سڌي ريت صدر کي اختيار ڏنو ويندو ۽ وزيراعظم جو ڪردار ختم ڪيو وڃي. ائين ڪيو ويو ته آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ نه رهندو ۽ هو اچي پنهنجا ماڻهو چونڊيندو. اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري لاءِ به آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي ته جيڪو نئين اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي ڊيڊلاڪ آهي اهو ختم ٿئي. اپوزيشن جو ڪردار ان مان ختم ڪيو ويندو. تعليم ۽ آبادي تي ڪنٽرول واري وزارت به واپس وفاق کي ڏنيون وينديون. ذريعن موجب، معدنيات جي وزارت به وفاق کي واپس ڏني ويندي يا وفاق جو ڪردار وڌايو ويندو. وفاق رٽائرڊ يا حاضر سروس جنرلن کي به لڳائي سگهندو. آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير جي جيڪا صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي هئي، اها 27هين آئيني ترميم بابت ئي هئي ته فوج ڇا سمجهي ٿي ۽ صدر وزيراعظم جو ڪردار ڪيئن بڻائڻ چاهي ٿي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته 6 نومبر تي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ۾ ان تي مشاورت ڪئي ويندي. لڳي ٿو ته هلندڙ مهيني هي ترميم ٽيبل تي اچي ويندي.